سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ ۽ شفافيت جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هميشه ڀرتي جي عمل ۾ ميرٽ، شفافيت ۽ غير جانبداري کي ترجيح ڏني آهي. ان جيسڀ کان وڏي مثال 4 آگسٽ 2025 تي ڪمپيوٽر تي ٻڌل ٽيسٽ (CBT) جو ڪامياب انعقاد آهي. CBT نظام جو افتتاح 17 جولاءِ 2025 تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هيڊ آفيس، حيدرآباد ۾ ڪيو ويو. ڊجيٽل گورننس ڏانهن هي جرئتمندانه قدم ڀرتي جي عمل کي جديد بڻائڻ ۾ هڪ اهم قدم آهي. هن وڏي ڪاميابي تحت، SPSC ليڪچرر (BPS-17) (بائيولاجي، پاڪستان اسٽڊيز، ۽ اسلامڪ اسٽڊيز) جي پوسٽن لاءِ صوبائي انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن (PITE)، اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي جي تحت ٽي مختلف CBT منعقد ڪيا. هي سمورو عمل تمام منظم، موثر ۽ محفوظ انداز ۾ مڪمل ڪيو ويو، جنهن سڀني اميدوارن کي هڪ منصفانه ۽ سازگار امتحاني ماحول فراهم ڪيو. بايولاجي ليڪچرر (BPS-17) جو نتيجو 04 آگسٽ 2025 تي امتحان کان فوري طور تي هڪ پريس رليز ذريعي جاري ڪيو ويو. نتيجن جو اعلان ثابت ڪري ٿو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اقربا پروري، جانبداري ۽ ڪرپشن جهڙن سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سي بي ٽي نظام ڪميشن جي ڊجيٽل تبديلي ۽ شفافيت جي وسيع تر ايجنڊا جو حصو آهي. اميدوارن پاران ردعمل نهايت مثبت رهيو ۽ ماڻهن شفافيت وڌائڻ، ديري کي ختم ڪرڻ ۽ سهولت کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪوششن کي ساراهيو. CBT صرف هڪ ٽيڪنيڪل بهتري ناهي پر SPSC جي هن مشن جي علامت آهي جيڪو سٺي حڪمراني ۽ عوامي اعتماد جي اصولن تي ٻڌل آهي. چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ڪميشن جي قيادت هن ڪاميابي جي پويان محنتي ٽيم جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته CBT  کي مستقبل جي امتحانن ۾ وڌايو ويندو ته جيئن ڀرتي جي عمل کي تيز، منصفانه ۽ وڌيڪ قابل اعتماد بڻائي سگهجي. هي سنگ ميل ثابت ڪري ٿو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ ۾ سرڪاري شعبي جي سڌارن ۽ ڊجيٽلائيزيشن ۾ هڪ علمبردار ادارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.