ميرٽ جي بحالي لاءِ قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ کان مظاهرن جو اعلان

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ڏوهن جي خاتمي ۽ ميرٽ جي بحالي لاءِ اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ بک هڙتال ڪيون وينديون، جيڪو سلسلو 20 آگسٽ تائين جاري رهندو، هن چيو ته سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت آهي، سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي، سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھه، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ جدوجھد تيز ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.