سرينگر(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ سرينگر ايئرپورٽ تي ملازمن تي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ ليفٽننٽ ڪرنل خلاف پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏهن ته فوجي آفيسر سومر ڏينهن اسپائس جيٽ نالي ايئرويز خلاف جوابي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن الزام لڳايو آهي ته سندسبيعزتي ڪئي وئي، جنهن سبب سندس اڏام نڪري وئي، 26 جولاءِ تي پيش آيل هن واقعي جي وڊيو آچر ڏينهن وائرل ٿي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڀارتي فوجي آفيسر ايئرپورٽ جي ملازمن تي تشدد ڪري رهيو آهي، وڊيو بعد پوليس گلمرگ ۾ واقع فوج جي هاءِ آلٽيٽيوڊ وارفئير اسڪول ۾ مقرر ليفٽننٽ ڪرنل خلاف مقدمو داخل ڪري ڇڏيو آهي، هن معاملي تي سوشل ميڊيا تي تيز بحث جاري آهي، جتي ڪجهه ماڻهو فوجي آفيسر جي معطلي جو مطالبو ڪري رهيا آهن، اُتي ڪجهه ماڻهو اسپائس جيٽ جي بائيڪاٽ جو مطالبو به ڪري رهيا آهن، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو دعويٰ آهي ته فوجي آفيسر جي اشتعال انگيزي ڪشمير ۾ فوج کي آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ تحت حاصل لامحدود اختيارن جو نتيجو آهي، جيڪڏهن فوج کي کليل ڇُوٽ ڏني ويندي ته فوجي اهڙو ئي ورتاءُ ڪشمير کان ٻاهر به ڪندا، اصل مسئلو ڀارتي فوج کي جوابده بڻائڻ آهي، هي رڳو ڪشمير جو نه، پر پوري انڊيا جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو.