خواجا آصف روڊ رستي ايران وڃڻ تي پابندي کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف روڊ رستي ايران وڃڻ تي پابندي کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته روڊ رستي ايران وڃڻ تي جائز سببن جي بنياد تي پابندي لڳائي آهي، اسان ايراني حڪومت کي چيو آهي ته اهي ڪوئيٽا کان اڏام هلائين، جنهن کانپوءِ ايران ڪوئيٽا کان زائرين لاءِ هڪ اڏام شروع ڪئي آهي.
هن چيو ته چوٿون ڏينهن آهي، اسان اشتهار ڏنو آهي ته اسان جون نجي فضائي ڪمپنيون به ايران لاءِ اڏام هلائي سگهن ٿيون، اسان نجي لائسنس هولڊرز کي به اجازت ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.