اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج پي ٽي آءِ ايم اين ايز ۽ سينيٽر اسلام آباد طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف قيادت 5 آگسٽ جي احتجاجي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي، سڀني قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي اسلام آباد گهرايو ويو آهي، جيڪي اڊيالا جيل ٻاهران احتجاج ڪندا.
ذريعن موجب صوبائي اسيمبلي ميمبرن پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ احتجاج ڪندا، مرڪزي قيادت سڀني صوبائي صدرن ۽ چيف آرگنائيزرز سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته احتجاج تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان ٿيندو، جنهن جي مڪمل نگراني پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ڪندو.
ذريعن موجب چئني صوبن جي ذميوارن احتجاجي شيڊيول اعليٰ قيادت کي موڪلي ڇڏيو، احتجاج لاءِ سڀني ٽڪيٽ هولڊرن کي به الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ صوبائي صدر ۽ ڪوآرڊينيٽر قيادت سان رابطي ۾ رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.