يوڪرين جنگ: آمريڪا ڀارت تي روس جي مدد جو الزام هڻي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نائب چيف آف اسٽاف ۽ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي اسٽيفن ملر ڀارت کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ اسٽيفن ملر چيو ته ماڻهو اهو ڄاڻي حيران ٿيندا ته ڀارت ۽ چين تقريبن برابر مقدار ۾ روس کان پيٽرول خريد ڪري رهيا آهن، صدر ٽرمپ لاءِ ڀارت طرفان روس کان پيٽرول خريدڻ واضح طور تي قبولڻ جوڳو نه هوندو.
هن الزام هنيو ته ڀارت طرفان روس کان تيل خريد ڪرڻ حقيقت ۾ يوڪرين خلاف جنگ ۾ روس جي مدد ڪرڻ آهي، جيڪو آمريڪي پاليسي جي خلاف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.