سراج گورن جا ارمان لوڙهي ڇڏيا، ڀارت سيريز برابر ڪرڻ ۾ ڪامياب

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڀارت پنجين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 6 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ڇڏي.
اوول ۾ کيڏيل سيريز جي آخري ميچ ۾ انگلش ٽيم 374 رنسن جي هدف کان رڳو 6 رنسون پوئتي رهندي آئوٽ ٿي وئي.
پنجين ۽ آخري ڏينهن انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 35 رنسون، جڏهن ته ڀارت کي 4 وڪيٽون گهربل هيون.
محمد سراج آخري ڏينهن ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪري انگلينڊ جي اميدن کي لوڙهي ڇڏيو، جڏهن ته ڪرشان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
واضح رهي ته ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو هو، ڀارت پهرين اننگز ۾ 224 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ انگلينڊ 247 رنسون ٺاهي 23 رنسن جي معمولي سرسي حاصل ڪئي.
ڀارت ٻي اننگز ۾ شاندار واپسي ڪندي 396 رنسون ٺاهيون ۽ انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 374 رنسن جو هدف مليو، ڀارت طرفان يشوي جيسوال 118 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي.
هدف جو پيڇو ڪندي انگلينڊ طرفان جو روٽ 105 ۽ هيري بروڪ 111 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيا، انگلينڊ جي ٽيم 367 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ رڳو 6 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
ڀارت طرفان محمد سراج بهترين بالنگ ڪندي ٻي اننگز ۾ 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته هن ميچ ۾ مجموعي طور 9 شڪار ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.