پاڪستان آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

لائوڊر هل (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ويسٽ انڊيز کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 13 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان کٽي ورتي.
آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر لائوڊر هل ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان اوپنرن صائم ايوب ۽ صاحبزادا فرحان جي شاندار ففٽين جي مدد سان مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون.
صاحبزدا فرحان 74 ۽ صائم ايوب 66 رنسن جي اننگز کيڏي، حسن نواز 15، خوشدل شاهه 11 ۽ فهيم اشرف 10 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ويسٽ انڊين ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي سگهي.
صاحبزادا فرحان کي ميچ ۽ محمد نواز کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.