درفشان سليم، بلال عباس سان ڳجهي نڪاح جي خبرن تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ناليواري اداڪارا درفشان سليم اداڪار بلال عباس سان ڳجهي نڪاح بابت هلندڙ خبرن تي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته اهي سڀ افواهه آهن، جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿئي ها ته تصويرون ضرور سامهون اچي وڃن ها.
درفشان سليم هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته کيس انڊسٽري ۾ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ پنج سال ٿي ويا آهن، جيڪو ڪو ڊگهو عرصو ته ناهي پر ان باوجود به ماڻهو هن سان محبت ڪن ٿا، جنهن تي هوءَ پاڻ کي خوش نصيب سمجهي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ايتري محبت کان ڊپ به لڳي ٿو، ماڻهن جي محبت کي ڏسندي هوءَ هميشه اها ڪوشش ڪندي آهي ته ايندڙ پراجيڪٽ اهڙو هجي، جيڪو ماڻهن کي مايوس نه ڪري.
هن چيو ته بلال عباس سان هن جو سٺو ڪمفرٽ ليول هو، خاص طور تي جڏهن توهان رومانوي ڊرامو ڪري رهيا هجو ته ضروري آهي توهان ٻئي هڪٻئي سان سٺو محسوس ڪيو.
درفشان سليم پهريون ڀيرو بلال عباس سان ڳجهي نڪاح بابت خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو ته هوءَ اڪثر اهڙن سوالن تي خاموشي اختيار ڪندي آهي، شادي هڪ ذاتي معاملو آهي پر جيڪڏهن واقعي اهڙو ڪجهه ٿئي ٿو ته ماڻهو ان جون تصويرون فوري طور شيئر ڪندا آهن، ڀلا ڪو پنهنجي ايتري اهم موقعي جون تصويرون شيئر ڪرڻ ۾ دير ڇو ڪندو؟
سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ به هاڻ ڀارت جهڙي صحافت ٿيڻ لڳي آهي، جتي بنا تصديق جي ڪا به خبر هڻي ڇڏين ٿا، هاڻ اسان وٽ به اهڙي قسم جي صحافت عام ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته گذريل سال يوٽيوبر ماريا علي دعويٰ ڪئي هئي ته درفشان سليم ۽ بلال عباس خان ڳجهي نموني نڪاح ڪري چڪا آهن ۽ ڄاڻي واڻي پنهنجو رشتو لڪائي رهيا آهن.
اهي افواهه انهن جي سپر هٽ ڊرامي ”عشق مرشد“ جي سيٽ ۽ پريميئر تقريب دوران سندن آن اسڪرين ڪيمسٽري ڏسي سامهون آيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.