لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلويز ترجمان ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي حملي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
ريلويز ترجمان موجب ٽرين جي روانگي کان اڳ حفاظتي نگراني لاءِ پائلٽ انجڻ موڪلي ويندي آهي، اڄ صبح 10 وڳي نگراني لاءِ موڪليل پائلٽ انجڻ تي 3 گوليون هلايون ويون هيون.
هن ٻڌايو ته خطرو محسوس ٿيندي ئي ٽرين کي محفوظ هنڌ تي روڪيو ويو هو ۽ سمورا مسافر محفوظ رهيا، سيڪيورٽي ڪليئرنس تي ٽرين منزل ڏانهن رواني ڪئي وئي آهي ۽ پائلٽ انجڻ به حفاظت سان واپس پهچي وئي آهي.
Prev Post
You might also like