جولاءِ 2021 کان جون 2025ع تائين 523 عورتون قتل ٿيون

حيدرآباد: سنڌ ۾ جولاءِ 2021ع کان جون 2025ع تائين عورتن جي قتل، ڪارو ڪاري، جنسي زيادتي، تشدد، عورتن مٿان تيزاب هارڻ، زبردستي شاديون ڪرائڻ، ڏاڍائي ۽ حراسان ڪرڻ سميت ٻين واقعن جا 2 هزار 564 ڪيس رپورٽ ٿيا. وومين ايڪشن فورم پاران 4 سالن جي جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ ۾ مختلف سبب جي ڪري 523 عورتون قتل ٿيون، ڪارو ڪاري جي الزام ۾ 328 عورتن کي قتل ڪيو ويو، 493 عورتن سماجي اڻبرابري، گهرو پريشانين، غربت ۽ ٻين سببن جي ڪري آپگهات ڪيو، 26 عورتن آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنسي زيادتي جا 392 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنسي زيادتي ڪرڻ کانپوءِ 8 عورتون قتل ٿيون، 387 عورتن مٿان جنسي تشدد ڪيو ويو، ننڍي ڄمار ۾ زبردستي شادي ڪرائڻ جا 43 ڪيس رپورٽ ٿيا، حراسمينٽ جا 94 ڪيس سامهون آيا، عورتن جي اغوا جا 163 واقعا پيش آيا، 16 عورتن مٿان تيزاب هاريو ويو ۽ 45 عورتن کي مختلف نوعيت جي تشدد جو شڪار بڻايو ويو. مجموعي طور تي عورتن جي قتل، ڪارو ڪاري، جنسي زيادتي، تشدد ۽ حراسان ڪرڻ سميت ٻين واقعن جا 2 هزار 564 ڪيس پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي رپورٽ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.