سبسڪرائيبر وڌائڻ ۾ سهولت: يوٽيوب ۾ ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام جهڙي فيچر جي واڌ

يوٽيوب ۾ هاڻي انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ وانگر هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.

گوگل ملڪيت هن وڊيو شيئرنگ پليٽفارم ۾ هڪ اهڙي نئين سهولت جي آزمائش ڪري رهيو آهي، جنهن سان واهپيدارن پنهنجي وڊيوز ۾ ٻين ماڻهن کي سڌو سنئون ٽيگ ڪري سگهندا.

اهڙي طريقي سان ڏسندڙن لاءِ مواد کي ڳولڻ ۽ ٽيگ ٿيل ماڻهن کي فالو ڪرڻ وڌيڪ سولو ٿي ويندو.

اهو فيچر انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ ۾ موجود "collaboration” فيچر سان ملندڙ جلندڙ آهي، جتي واهپيدار گڏجي پوسٽ شيئر ڪن ٿا ۽ هڪٻئي کي ٽيگ ڪن ٿا.

رپورٽ موجب يوٽيوب ۾ هي فيچر هن وقت رڳو محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي، پر جلد ئي اهو سڀني لاءِ پيش ڪيو ويندو.

يوٽيوب ۾ به هي فيچر بلڪل انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جي collaboration فيچر وانگر ڪم ڪندو.

جڏهن واهپيدار مکيا تخليقڪار (main creator) جي نالي تي ڪلڪ ڪندو ته هڪ پاپ اپ ونڊو ۾ ٽيگ ڪيل ٻين "collaborators” جا نالا ظاهر ٿيندا، جن جي اڳيان "سبسڪرائب” بٽڻ هوندو.

جڏهن ڪو واهپيدار ڪنهن ٻئي کي وڊيو لاءِ ٽيگ ڪندو ته ٻئي ڌر کي "انوائيٽ” تي "اوڪي” بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو ته جيئن ٽيگ ٿيڻ جي منظوري ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.