چانهه پيئڻ سان ٽن عورتن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي، اسپتال منتقل

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي شهر ظاهر پير ۾ مبينا طور چانهه پيئڻ سان 3 عورتون بيهوش ٿي ويون.
ريسڪيو اختيارين موجب واقعو بستي کوکران ۾ پيش آيو، ٽنهي عورتن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڊاڪٽرن موجب شروعاتي طور چانهه زهريلي ٿيڻ سبب عورتون بيهوش ٿيون، چانهه جا سيمپل ورتا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.