سي ايس ايس امتحان ۾ شرڪت جي خواهشمندن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سي ايس ايس امتحان 2026 جي مڪمل شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايف پي ايس سي، سي ايس ايس 2026 شيڊيول جو ايڊوانس پبلڪ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سي ايس ايس جا امتحان ٻن مرحلن ۾ ٿيندا، پهرئين مرحلي ۾ ايم سي ڪيو تي ٻڌل شروعاتي ٽيسٽ ۽ ٻئي مرحلي ۾ لکت امتحان ورتو ويندو.
ايف پي ايس سي موجب ايم پي ٽي لاءِ آن لائن درخواستن جو پبلڪ نوٽس 10 آگسٽ 2025 تي جاري ٿيندو، ايم پي ٽي لاءِ درخواستون 11 کان 25 آگسٽ تائين وصول ڪيون وينديون، لکت امتحان لاءِ درخواستون 15 کان 30 ڊسمبر 2025 تائين جمع ٿيندو، لکت امتحان 4 فيبروري 2026 تي ٿيندو.
اداري وضاحت ڪئي آهي ته اهو شيڊيول شروعاتي طور جاري ڪيو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ان تبديلي جو حق رکون ٿا، اميدوار سرڪاري ويب سائيٽ تي اپ ڊيٽس تي نظر رکن ته جيئن ڪنهن به تبديلي کان آگاهه رهي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.