پاڪستان ۾ ماءُ جي ٿڃ بدران دٻي واري کير جو رجحان، اربين رپيا زيان ۽ صحت کي به نقصان

صحت جي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته دٻي جو کير رڳو ماءُ کان محروم ٻارن جي ضرورت آهي پر فارمولا کير تي اربين رپيا غير ضروري طور خرچ ڪيا ويندا آهن.
دٻي جو کير يا فارمولا ملڪ رڳو انهن ٻارن کي ڏئي سگهجي ٿو، جن جون مائرون پيدائش دوران يا وري پوءِ لاڏاڻو ڪري وڃن پر جن ٻارن جون مائرون زندهه هجڻ باوجود ٻارن کي دٻي جو کير پيئارين ته اها هڪ سنگين طبي غفلت ۽ پنهنجي هٿ سان موت جي منهن ۾ ڌڪڻ جهڙو آهي.
پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 60 لک ٻار پيدا ٿيندا آهن پر انهن مان رڳو ٻه هزار کان به گهٽ ٻار اهڙا هوندا آهن، جن کي ماءُ جي کير بدران متبادل کير جي حقيقي طبي ضرورت هوندي آهي.
ماهرن موجب اها اهڙا ٻار هوندا آهن، جن جون مائرون يا ته ٻار جي پيدائش وقت لاڏاڻو ڪري وينديون آهن يا وري ڪنهن شديد بيماري ۾ مبتلا هجن.
ان باوجود ملڪ ۾ هر سال 110 ارب رپين کان وڌيڪ جو دٻي وارو کير ٻارن جي غذا طور استعمال ٿيندو آهي، جيڪو غير ضروري خرچ ۽ ڳڻتي جوڳو رجحان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.