نوم پن (ويب ڊيسڪ) ڪمبوڊيا ٿائلينڊ سان جنگبندي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو.
صحافين سان گفتگو ڪندي ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم چيو ته حڪومت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبيل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي.
هن ٿائلينڊ سان ٿيندڙ تازي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي ٽرمپ جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته امن لاءِ ٽرمپ طرفان ڪيل عظيم ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
هن ڪمبوڊيا جي ڪپڙن ۽ جوتن جي صنعت تي لاڳو برآمدي ٽيڪس کي 49 سيڪڙو گهٽ ڪري 19 سيڪڙو ڪرڻ تي به ٽرمپ جا ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ۽ اسرائيل به ٽرمپ کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.
You might also like