اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ٻه لک ٽن کنڊ جي درآمد جو آرڊر ڏئي ڇڏيو.
نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جو چوڻ آهي ته کنڊ جي اگهن ۾ استحڪام ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب کنڊ جي درآمد ٽينڊر کلڻ کانپوءِ حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، کنڊ حڪومت طرفان درآمد ڪئي پئي وڃي، درآمد ٿيل کنڊ جي پهرين شپمينٽ سيپٽمبر جي منڍ ۾ پاڪستان پهچندي.
ترجمان چيو ته کنڊ جي درآمد جو مقصد مارڪيٽ ۾ کنڊ جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ اگهن ۾ توازن برقرار رکڻ آهي، عالمي مارڪيٽ مان خريداري وقت ڪاميابي سان ڊسڪائونٽ به حاصل ڪيو ويو.
You might also like