اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مالي سال جي پهرين ئي مهيني مهانگائي پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا، مهانگائي ۾ ٻه سيڪڙو کان مٿي واڌ ٿي، گذريل هفتي 18 شيون مهانگيون ٿيون. ملڪ ۾ نئين مالي سال 2025-26 جي شروعات سان گڏ ئي مهانگائيءَ به ڪر کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ تازي هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائيءَ جي شرح ۾ 0.73 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته سالياني بنياد تي مهانگائيءَ جي شرح 1.52 سيڪڙو مان وڌي 2.06 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي۔وفاقي اداري شماريات موجب، گذريل هفتي دوران 18 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ، 6 شيون سستي ٿيون ۽ 27 شين جون قيمتون مستحڪم رهيونئ. ڪڪڙ جي قيمت في ڪلو 40 رپيا وڌي وئي، بصر5 رپيا 56 پيسا، ٽماٽا 8 رپيا، ٿوم 18 رپيا، پٽاٽا 3 رپيا في ڪلو مهانگا ٿيا. کنڊ جي قيمت ۾ به واڌ ٿيئ چانور، دال مسور، ڊيزل، ڏهي ۽ گوشت پڻ مهانگا ٿيا.ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 302 رپيا 23 پيسا سستو ٿيو.انڊا في درجن 2 رپيا، دال مڱ 1 رپيو سستي ٿي، چڻن جي دال ۽ سرنهن جو تيل پڻ گهٽ قيمت تي ملي رهيو آهي. حڪومت پيٽروليم ليوي جو بار عوام تي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو، في ليٽر پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي ۾ 2 رپيا 50 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 74 رپيا 51 پيسا مان وڌائي 77 رپيا 01 پيسو ڪري ڇڏي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول تي ليوي 75 رپيا 52 پيسا مان وڌائي 78 رپيا 02 پيسا في ليٽر ڪئي وئي آهي۔ ٻنهي پيٽروليم شين تي ليوي ۾ 2.5 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، ۽ وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي "ڪلايميٽ سپورٽ ليوي” الڳ سان به وصول ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت پيٽرول تي پيٽروليم ليوي وڌائي ڇڏڻ سان قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته جيڪڏهن هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي نه وڌائي وڃي ها ته ان جي قيمت ۾ واڌ جي بدران گهٽتائي ٿي سگهي پئي.ان کان اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته پاڪستان ۾ پهرين آگسٽ کان پيٽرول 9 رپيا 7 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 73 پيسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان هو۔ان سان گڏوگڏ مٽي جو تيل 3 رپيا 55 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 2 رپيا 33 پيسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو به امڪان هو.