اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار عامر رضا هڪ پروگرام ۾ ٻڌايو ته ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جو هر شهري ڪروڙ پتي بڻجڻ وارو آهي. پاڪستان دنيا جي آئل پراڊڪشن ۾ چوٿون وڏو ملڪ بڻجڻ وارو آهي. جڏهن نار ملڪن کان ايران تائين تيل آهي ته پاڪستان ۾ ڇو نه هوندو؟ دنيا کي اها خبر آهي ته پاڪستان ۾ معدني دولت سان گڏوگڏ تيل ۽ گيس جا ذخيرا به آهن. ان تي سروي ٿي چڪيون آهن، 32 سائيٽس کي ڊڪليئر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ دادو ۽ ٿر ۾ اهي شيون موجود آهن، ڪي پي ۾ ڪوهاٽ، هنگو، ڪرڪ، پنجاب ۾ راولپنڊي، چڪوال فتح جنگ آهن جتي اڳ ئي ڪم ٿي رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ آمريڪي ڪمپنيون تيل ڪڍنديون آهن، روسي ڪمپنيون رڳو ايراني تجربو رکن ٿيون. هن سال پاڪستان کي 12 سائيٽس کي واڪن لاءِ کولڻو آهي ته ڪمپنيون اچي کوٽائي ڪن. ٽرمپ جيڪي مٺيون ڳالهيون ڪري رهيو هو انهن جو ڪو ته سبب هو. واپاري معاهدو موجب آمريڪا کي حصو ملندو پر واڪ ڏيندڙن ۾ روس، بحرين، ترڪي به شامل آهن. ڪوه سليمان وٽ سروي ڪئي وئي آهي جتي نه رڳو تيل پر گيس به آهي، گيس جا ذخيرا ايترا آهن جو گيس بحران ختم ٿي ويندو. پاڪستان هن وقت 90 هزار کان 70 هزار بيرل تيل ڪڍي ٿو، روزانو خرچ 4 لک بيرل آهي جنهن ڪري ٻاهران گهرائڻو پوندو آهي. ان جي ڪري پاڪستان قرضي به ٿي وڃي ٿو. انڊس ريجن ۾ 4 اهڙيون سائيٽس آهن جتي وڏي پئماني تي تيل موجود آهي، آمريڪا کي ان ڳالهه جي پڪ آهي. اهي سنڌ ۾ سمنڊ ۾ آهن، جتان نه رڳو تيل پر ايل اين جي به ملندي. يعنيٰ ايل اين جي گهرائڻ به بند ٿي ويندي. پاڪستان 3 کان 5 سالن ۾ اها دولت ڪڍي مالامال ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جا وڏا ملڪ پاڪستان سان لاڳاپا چاهين ٿا. پاڪستان چين جي ويجهو آهي پر آمريڪا دولت جو بکيو آهي، وٽس ٽيڪنالاجي آهي، هو تيل ڪڍي سگهي ٿو، هو سمجهي ٿو ته سندس ڪمپنيون اچڻ کانپوءِ ٻي ڪا ڪمپني واڪ نه ڏيندي. ٽرمپ چاهي ٿو ته کين اهي ٺيڪا ملن، اهو ياد رهي ته جيئن هو ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪندا آهن ته 25 سيڪڙو ان ملڪ کي ڏيندا آهن، 75 سيڪڙو پاڻ کڻي ويندا آهن، هن ڪم ۾ وڏو پيسو لڳندو آهي ۽ وڏي تحقيق ڪئي ويندي آهي.