ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾في تولي سون جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 100 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک 52 هزار 900 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جي موجب، 10 گرام سون جي قيمت ۾ 86 رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ اِهو 3 لک 2 هزار 555 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت هڪ ڊالر لاٿ بعد 3302 ڊالر آهي.
You might also like