ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي ايڇ اي فيز 6 ۾ هٿياربند شخص جي فائرنگ ۾ سينيئر وڪيل خواجه شمس الاسلام قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندن پٽ زخمي ٿي پيو آهي.
خواجه شمس الاسلام جنازي ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي پٽ سان گڏ ڊي ايڇ اي فيز 6 آيل هو، جتي اوچتو سول ڊريس پهريل هٿياربند شخص مٿس فائرنگ ڪئي ۽ موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو.
فائرنگ جي نتيجي ۾ خواجه شمس الاسلام کي پيٽ ۾ ۽ سندس پٽ کي چيلهه ۾ گولي لڳي. ٻنهي کي فوري طور ويجهي اسپتال نيو ويوو، جتي خواجه شمس الاسلام زخمن جا دور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
اکين ڏڍڻ شاهدن موجب، فائرنگ ڪندڙ شخص کي ماسڪ پاتل هو، جنهن ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
پوليس کي واقعي واري هنڌ تان ٻه خول ۽ هڪ گولي هٿ آئي آهي، جيڪا تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب فائرنگ ڪنهن تڪرار دوران ٿي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
خواجا شمس اسلام ڪير هو؟
خواجه شمس الاسلام هڪ سرگرم وڪيل طور هو، هو سول ڪيسن جو ماهر هو ۽ 500 کان وڌيڪ ڪيس وڙهي چڪو هو، جڏهن ته ڪراچي ۾ اربين رپين جي ملڪيتن بابت ڪيسن جي پيروي ڪري رهيو هو.
هو پاڪستان جي قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح جي رهائشگاهه قصر ناز (مهتا پيلس) تي گرلز هاسٽل ۽ ڊينٽل ڪاليج ٺاهڻ بابت مشهور ڪيس جي به پيروي ڪري رهيو هو.
ياد رهي ته نومبر 2024ع ۾ به خواجه شمس الاسلام مٿان حملو ٿيو هو، جنهن دوران کيس هٿ ۾ گولي لڳي هئي.