ميڊيا تي سختيون آهن، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي جي صورتحال ميڊيا تي نٿي اچي:حامد مير

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير چيو ته ويجهي ماضي ۾ به اي پي سي ٿي هئي،اڄ ٻيهر اي پي سي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،اسلام آباد ۾ اي پي سي کي خطاب ڪندي هن  چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ لطيف آفريدي به اي پي سي گهرائي هئي،انهن ڏينهن ۾ مون تي پابندي هئي، اڄ ڇهه ست اينڪر آف ايئر آهن،ان وقت مون لاءِ گهڻا ماڻهو ڳالهائيندا هئا پر هن وقت انهن اينڪرن لاءِ ڪير به نٿو ڳالهائي،اسان عمران خان دور ۾ به چوندا هئاسين ته آئين تي عمل ڪريو،اسان جو موقف اڄ به اهو ئي آهي،حڪومت بدلجي وئي آهي،2021ع ۾ پ پ ۽ ن ليگ اسان سان واعدا ڪيا پر اهي پورا نه ٿيا،2010ع ۾ ڪيل لاپتا ماڻهن بابت واعدو به وفا نه ٿيو،هن وقت پاڪستان ۾ صحافت تي پابنديون ۽ آئين جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن،پيڪا قانون 2016ع ۾ ن ليگ آندو،اهو ئي قانون ليگي ڪارڪنن خلاف استعمال ٿيو،عمران خان جي دور ۾ پيڪا صدارتي آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو،اسان ان جي مخالفت ڪئي،آمريڪا سان معاهدي سبب پاڪستان جو مفاد وڌي ويو آهي،سنڌ،بلوچستان ۽ ڪي پي جي صورتحال توهان کي ميڊيا تي نظر نه ايندي،اينڪر ڪاشف عباسي چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ميڊيا جي آزادي جو آهي،اڄڪلهه مان ٽي وي تي شوز نه پيو ڪريان پر مان واحد ماڻهو نه آهيان جيڪو آف ايئر ٿيو هجي،هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ به ڪيترائي اينڪر ٽي وي تان غائب رهيا،جيڪا به حڪومت اچي ٿي صحافت تي پابنديون لڳائي ٿي،جڏهن کان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي آيا آهن اهو هاڻي آسان ٿي ويو آهي ته ميڊيا کي ڪنٽرول ڪيو وڃي،عمران خان جي دور ۾ پيڪا ايڪٽ خلاف اسان احتجاج ڪيو هو،هن چيو ته اپوزيشن ۽ ميڊيا جو هڪ فطري اتحاد هوندو آهي پر جڏهن اها ئي اپوزيشن حڪومت ۾ ايندي آهي ته ميڊيا جي حوالي سان ان جو رويو ٻيو ٿي ويندو آهي،هن اي پي سي ۾ ويٺل سياستدانن پٺيان ته لکين ڪروڙين عوام هوندو آهي اسان صحافين جي پٺيان ڪير ناهي هوندو،اسان جو تحفظ ته آئين سان هوندو آهي،ميڊيا تي پابنديون جمهوريت جو بنياد ختم ڪرڻ جي برابر آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.