خيرپور/ احمد پور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/ مختيار علي ميتلو) خيرپور سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ 2 ۾ ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل مريض زندگي جي جنگ هارائي ويو، احمدپور جي ڳوٺ ڪريم ڏنو ميتلو جو رهواسي مريض ڪمال الدين ميتلو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ميڊيڪل وارڊ ۾ ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل مريض ڪمال ميتلو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن کي آءِ سي يو وارڊ جي انتظاميا ڊسچارج ڪري گهر موڪلي ڇڏيو هو، جيڪو ڪالهه فوت ٿي ويو، فوتي جي ڀائٽي ايڊووڪيٽ عابد علي ميتلو جو چوڻ هو ته ٻه هفتا اڳ سول اسپتال جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب سندس چاچو سخت زخمي ٿي پيو هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، ايم ايس پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪا رپورٽ جاري نه ڪئي آھي توڙي جو ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي پڻ نه ٿي سگهي آهي، ھن چيو ته ٽيجهي بعد سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس، ٺيڪيدار، سيڪريٽري صحت ۽ ٻين خلاف خون جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي.
ڇتين ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ۽ ڪم اڌ ۾ رهيل
احمدپور: سول اسپتال خيرپور جي ميڊيڪل وارڊ توڙي ٻين وارڊن جي ڇتين جو ڪم ناقص ميٽريل سان ٿيل هجڻ ۽ ڪم اڌ ۾ رهيل هجڻ باوجود ڪم مڪمل ڏيکاري مريضن کي داخل ڪيو ويو، ٺيڪيدار پاران اسپتال جي عمارت اڃان تائين اسپتال انتظاميه جي هينڊ اوور ئي نه ٿي سگهي آهي، اعتبار جوڳن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب بااثر ٺيڪيدار ۽ اسپتال انتظاميه جي ملي ڀڳت سبب ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي.
ڇت ڪِرڻ سبب ٽي مريض ڪمال، معراج ميتلو ۽ الهواريو لاشاري زخمي ٿيا
احمدپور: سول اسپتال خيرپور جي ميڊيڪل وارڊ نمبر 2 جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ٽي مريض ڪمال ميتلو، معراج ميتلو ۽ الهواريو لاشاري زخمي ٿي پيا هئا ۽ ٻين مريضن بيڊ ڇڏي ٻاهر نڪري جانيون بچايون هيون، ان بعد انتظاميا وارڊ سيل ڪري مريضن کي ٻين وارڊن ۾ شفٽ ڪيو ويو هو.