حيدرآباد (پريس رليز)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي مجموعي مسئلن جو حل تڏهن ممڪن آهي، جڏهن قومپرستن ۽ پورهيت طبقي جي نمائندن کي ايوانن تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي بحرانن مان نڪرڻ جو واحد رستو جاگيردارانه، وڏيراشاهي ۽ استحصالي نظام بدران، قومپرست سوچ ۽ پورهيت طبقي جي نمائندگيءَ مان نڪري سگهي ٿو.هن چيو ته مون اٺ سال اڳ به اها ڳالهه ڪئي هئي ۽ اڄ به ان تي قائم آهيان ته سنڌ جي پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ۽ پورهيت طبقي جي پارٽين کي پاڻ ۾ مستقل بنيادن تي اتحاد ٺاهڻ گهرجي، ته جيئن اهي نه فقط چونڊن ۾ گڏجي حصو وٺن، پر گڏيل طور سياسي جدوجهد به ڪن،هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن جا اتحاد نه اڳ ۾ سنڌ لاءِ فائدي مند رهيا آهن، نه ئي هاڻي انهن کان ڪا اميد رکڻ گهرجي،اهي قوتون هميشه سنڌي عوام کي ٺڳي، ڌوڪي ۽ وسيلن جي لُٽ ۾ لڳل رهيون آهن.