تاشقند (اسپورٽس ڊيسڪ) ازبڪستان ۾ جاري انڊر 19 والي بال ورلڊ چيمپيئن شپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ ريفري جي تڪراري فيصلي سبب پولينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو،جيڪو پولينڊ 2-3 سيٽن سان کٽي ورتو.
ميچ دوران خاص طور آخري لمحن ريفري جا فيصلا تڪراري رهيا، جنهن سبب ميچ کانپوءِ پاڪستاني رانديگرن جي ريفري سان تيز ٿي ويا.
ان حوالي سان پاڪستان والي بال فيڊريشن جي چيئرمين چوڌري يعقوب جو چوڻ هو ته ريفري جي تڪراري فيصلن خلاف عالمي والي بال تنظيم ايف آءِ وي بي کي خط لکي احتجاج ڪنداسين.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
چوڌري يعقوب انڪشاف ڪيو ته آخري پوائنٽ کانپوءِ پاڪستان ٽيم جي مئنيجر ڪنٽرول ڪميٽي کي چيو ته ان فيصلي جي فوٽيج ڏسڻ گهرجي.
ان تي ڪميٽي جي نمائندي اعتراف ڪيو ته پولينڊ جي طرفان فائول ٿيو هو ۽ هوءَ غلطي تي معافي گهرن ٿا، پر ٽورنامينٽ جي اصولن موجب ريفري جي فيصلي تي ري ويُو موجود نه هئڻ سبب فيصلو تبديل نه ٿي سگهيو.
ريفري جي تڪراري فيصلن تي سوشل ميڊيا تي به والي بال شوقينن طرفان ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.