اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمت ۾ وڏي لاٿ ڪري ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي قيمت ۾ 17 رپيا 74 پيسا في ڪلو لاٿ ڪئي وئي آهي ۽ 11.8 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 209 رپيا 24 پيسا سستو ڪيو ويو آهي.
گهريلو سلينڊر جي قيمت 2541 رپيا 36 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، جولاءِ ۾ گهريلو سلينڊر جي قيمت 2750 رپيا 60 پيسا هئي.
نوٽيفڪيشن موجب جولاءِ ۾ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 233 رپيا مقرر هئي پر آگسٽ لاءِ 215 رپيا 36 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.
You might also like