ڪراچي(سوشل ميڊيا) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) سخت تنقيد جي زيرِ اثر اچي وئي آهي، جتان تازو ئي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (ASI BPS-09) جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پوليس ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل عمل تي هاڻ رشوت، اقرباپروري ۽ غير قانوني طريقي سان چونڊن جا سنگين الزام لڳايا پيا وڃن، جيڪي سوشل ميڊيا تي وڏو طوفان کڻي آيا آهن، 20 مئي 2025 تي ايس پي ايس سي پاران حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو، ۽ ميرپورخاص رينجن لاءِ اي ايس آءِ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، نتيجن ۾ ”لائق ۽ موزون“ اميدوارن جي فهرست ڏني وئي، پر ان سان گڏ ئي درجنين اميدوارن ۽ شهرين سوشل ميڊيا تي نتيجن کي ”بدترين ڪرپشن ۽ اقرباپروري“ قرار ڏيندي سخت احتجاج ڪيو، فيس بُڪ تي ”ميرٽ جو جنازو، پيسي جو ڪمال“ جهڙا نعره عام ٿي ويا، جتي ڪيترن ئي ماڻهن دعويٰ ڪئي ته نتيجا اصل قابليت بجاءِ سياسي اثر، پئسي ۽ رشوت جي بنياد تي ٺهرايا ويا، اي ايس آءِ ڀرتين ۾ الزام پهريون ڀيرو سامهون نه آيا آهن، اڳي به CCE-2018 ۽ CCE-2020 سميت مختلف امتحانن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، جتي ايس پي ايس سي جي ميرٽ ۽ شفافيت تي سوال کنيا ويا هئا. عدالت پاران امتحاني نتيجن ۾ هٿ چراند، جعلي مارڪ شيٽن، ۽ پسند ناپسند جي بنياد تي چونڊ تي خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا.سکر مان هڪ اميدوار، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مون لکڻين ۽ انٽرويو ٻنهي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، پر فائنل لسٽ ۾ نالو نه ھيو، جڏهن ته ڪجھه اڻڄاتل، نااهل ماڻهن جا نالا شامل هئا. سڀ ڄاڻن ٿا ته ايئن ڇو پيو ٿئي، چيو پيو وڃي ته حڪمران ڌر جي بااثر وڏيرن ۽ سياسي شخصيتن جي ٻارن کي بنا ڪنهن انٽرويو جي ئي امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو، باقي بچيل سيٽون مبينا طور تي 60 لک رپين في سيٽ تي وڪرو ڪيون ويون، ڪيترن ئي اميدوارن، جن امتحان ۾ 80 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا هئا ۽ انٽرويو به ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو هو، تنهن هوندي به چونڊجڻ کان محروم رهيا، هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيل آهي ته نوجوان محمد ارسلان ٽيسٽ ۾ 78 مارڪون کڻي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ چوٿين نمبر تي آيو، انٽرويو ۾ سوالن جا سئو سيڪڙو صحيح جواب ڏيڻ کانپوءِ به سليڪٽ ناهي ٿي سگهيو، اقصيٰ عزيز جمالي لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند ڪرڻ بجاءِ ڪرپٽ آفيسرن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ سنڌي نوجوانن جو مستقل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.امبرين لکيو ته سنڌ پوليس ۾ اي ايس آءِ جي ڀرتين دوران ميرٽ لتاڙجي وئي، پئسا هجن يا سفارش، نوڪري ملي، حقدار نوجوان دربدر رهيا، پوليس جهڙي ذميوار اداري ۾ ڪرپشن رڳو نوڪري نه انصاف جو قتل آهي، حڪومت خاموش ڇو آهي، راجا شوڪت لکيو ته ڪرپشن ۾ حڪمران پارٽي سڀ کان اڳتي آهي، شاهنواز خاصخيلي لکيو ته ان کان وڌيڪ گناهه ڪهڙو ٿيندو جو اوهان سماج اندر چٽاڀيٽي ختم ڪري ڇڏيو، غريب، پورهيت، مزدور، هاري ۽ عام ماڻهن جي ٻارن جو آفيسر ٿيڻ، ميڊيڪل ڊگري وٺڻ سميت سمورا رستا روڪي ڇڏيو ۽ سماج اندر نيريٽو پيدا ڪري ڇڏيو ته ڊگريون هجن يا گولڊ ميڊل اهي ڪا به اھميت نٿيون رکن، پئسن تي گٽر ڪلاس جي چرين لل نفسياتي مريض اولاد کي 17 هين گريڊ جون نوڪريون ڏئي ڇڏيو، ميڊيڪل ۾ داخلا ڏئي ڇڏيو اهي چريا لل نفسياتي مريض سنڌ جي مستقبل جي ڪهڙي پلاننگ ڪندا اها سموري سنڌ آڏو آهي، سنڌ سان ويساهه گهاتي نه ظلم ڪيو پيو وڃي، حفيظ ڦلپوٽي لکيو ته سنڌ ۾ ميانوالي سان تعلق رکندڙ 5 ڄڻا اي ايس آءِ ٿي ويا، شاعر ايوب گل لکيو ته ماڻهو 60 لک رپيا ڏئي اي ايس آءِ بڻجي ويا، اسان وٽ 60 هزار رپيا هجن ته ڀت جي ريڙهي لڳايون!سنڌ جي نوجوانن ڪرپشن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ”رشوت کٽي وئي، قابليت هارائي وئي“، ميرٽ نه ھي مارڪيٽ آ، ھاڻي کوٽ ناھي، ڊالي ۾ گھمائڻ لاءِ کوڙ اي ايس آءِ اچي ويا.ٻي پاسي ”ايس پي ايس سي طرفان اڃا تائين ڪو باضابطه بيان نه آيو آهي. پر ذريعن موجب، اندروني سطح تي آڊٽ جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن الزامن جي تصديق ٿي، ته نتيجن کي بي اثر قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ ملوث عملدارن تي نيب قانون هيٺ ڪيس داخل ٿي سگهن ٿا.