ڪراچي(ارباب چانڊيو)سنڌ ڪابينا ۾ تبديلين جو فيصلو ٿي چڪو آهي،وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس ۾ صحافي پاران سوال تي 14 آگسٽ تي ڪهڙا وزير توهان سان گڏ هوندا يا نه هوندا ته ان تي وڏي وزير ترديد نه ڪئي،هن اهو نه چيو ته ڪابينا ۾ ڪا تبديلي نه ٿي رهي آهي،هن اهو به نه چيو ته بااثر وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي نه ٿيندي،هن چيو ته مان جڏهن چاهيان تبديلي ڪري سگهان ٿو،ذريعن موجب وزارتن ۾ تبديلي گهڻو اڳ ٿي وڃي ها پر ڪڏهن قيادت جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ ۽ وري واپس ٿيڻ ۽ هر وقت ان فيصلي ۾ تبديلي اچي رهي اهي،اهڙا به طاقتور وزير آهن جن لاءِ تصور به نه پيو ٿي سگهي ته انهن جا کاتا وڃي رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته انهن جا قلمدان تبديل ٿي رهيا آهن، ڪجهه وزيرن تصديق ڪئي آهي ته اسان جو کاتو اڳيان پويان ٿي رهيو آهي،هڪ وزير فلاڻو کاتو وٺڻ جي سوال تي جواب ڏنو ته ان کاتي ۾ اڳ ۾ ئي وڏي مداخلت آهي،مان اهو کاتو نه وٺندس،ٻيو ڪو به کاتو پارٽي قيادت الاٽ ڪري،لڳي ائين رهيو آهي ته هن ڀيري ”بااثر وزيرن“ جي قلمدانن ۾ تبديلي ٿيندي،ترديد ڪو به نه پيو ڪري،هن وقت تائين ڪابينا ۾ تبديلين جي حوالي سان هلندڙ خبرن جي ڪنهن به ترديد ناهي ڪئي،آگسٽ جو مهينو اهم قرار ڏنو پيو وڃي،ڪجهه وزيرن جي پٺيان ماڻهو لڳل آهن،کچڙي پڪي رهي آهي،اهو فيصلي جي ويجهو اچي چڪو آهي ته سنڌ ڪابينا جي ڪيترن ئي وزيرن جا قلمدان تبديل ٿيندا. اهو ڪڏهن ٿيندو، ڪهڙي طريقي سان ٿيندو، اهو قيادت تي ڇڏيل آهي. آگسٽ جو مهينو ان لحاظ سان تمام اهم آهي.جيئن اسان مختلف وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا، ته خبر پوي ٿي ته ڪيترن جي پويان ڪجهه ماڻهو لڳل آهن، جيڪي تبديلي چاهين ٿا.سو، هاڻ صورتحال اهڙي آهي ته بااثر وزيرن جا به قلمدان تبديل ٿيندا، مختلف قلمدان مختلف ماڻهن کي ملندا. تبديلي جو نوٽيفڪيشن ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿو. نون وزيرن کان حلف ورتو ويندو،اڄ ڪجهه اهڙيون نشانيون نظر آيون آهن، جيڪي ڏيکاري رهيون آهن ته ڪجهه بااثر وزيرن ۽ وزيراعلى جي وچ ۾ پيدا ٿيل فاصلا ختم ٿي رهيا آهن، ۽ هاڻي ويجهو اچي رهيا آهن.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 31 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو