پي ٽي آءِ پاران دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف سمورا فيصلا سياسي بنيادن تي ڪيا ويا آهن، جن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، پر هن وقت عدليا تي به سوال اٿڻ لڳا آهن.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ” فيصل آباد جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي اڄوڪي فيصلي ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن کي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪي فيصلا اچي رهيا آهن، اهڙن فيصلن سان جمهوريت تباهه ٿي ويندي.“
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اهي فيصلا عمران خان آڏو رکندي، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ ويهڻ، بائيڪاٽ ڪرڻو يا وري ڪا تحريڪ شروع ڪرڻ بابت فيصلو ٿيندو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

بئريسٽر گوهر چيو ته جن ماڻهن کي سزا ڏني وئي آهي، اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سياست ۾ تشدد تي يقين نٿا رکن.
هن الزام هنيو ته ”عمران خان مفاهمت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر اسان مٿان گولي هلائي وئي، اسان چاهيون ٿا ته نظام هلي، اسان جو ليڊر ٻاهر هجي، پر ڪا قوت آهي جيڪا نظام کي لپيٽڻ چاهي ٿي.“
بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سندس گهرواري کي سزا ڏني وئي، ان باوجود اسان رياست سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.