اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ساک مٽي ۾ ملائي ڇڏي ، هاڻ مودي عالمي سطح تي مذاق بڻجي چڪو آهي.
پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني جي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان حڪومت ڇو روڪيندي؟، جيڪڏهن هو پاڪستان اچڻ لاءِ وِزٽ، اجازت ۽ شرطون پوريون ڪري اچي سگهن ٿا، ميڊيا ذريعن وٽان ئي خبر پئي آهي ته سندن پيءُ پاڻ کين اچڻ کان روڪيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جا پٽ فيصلو ڪري رهيا آهن ته ڀلي اچن، اسان جو موقف صرف ايترو آهي ته پي ٽي آءِ تشدد طرف نه وڃي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
خواجا آصف چيو ته احتجاج ڪرڻ سياسي پارٽين جو آئيني حق آهي ۽ کين اجازت ڏني ويندي، پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ 9 مئي يا 26 نومبر جهڙا واقعا ٻيهر ورجائڻ چاهي ٿي ته ان جي اجازت نه ڏني ويندي.
ڀارت طرفان جنگ بابت بيانن تي ردعمل ڏيندي دفاع واري وزير چيو ته نريندر مودي هاڻ سياست ۾ پنهنجي ساک وڃائي ويٺو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مودي هاڻ عالمي سطح تي غيرسنجيده بڻجي ويو آهي، جنهن سان هٿ ملائڻ ٿو چاهي اهو هٿ نٿو ملائي.
خواجا آصف چيو ته ڀارتي پارليامينٽ ۾ مودي کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، ڀارتي ميڊيا ۽ فوج پاڻ مڃي رهي آهي ته جهاز ڪِريا آهن، مودي کي به هاڻ مڃڻ گھرجي، مودي جو سياسي سج ٻُڏي ويو آهي.
خواجا آصف چيو ته عالمي طاقتن طرفان فلسطيني قوم تي بک، ڏڪار ۽ ظلم نازل ڪيو ويو، پر هاڻ سندن قربانين رنگ لاتو آهي، غزا جي ٻارن کي بکيو مارڻ انسانيت لاءِ شرم جوڳو مقام آهي.
هن چيو ته برطانيا ۽ فرانس طرفان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ انتهائي اهم قدم آهي، خاص ڪري برطانيا تي اهو قرض آهي، ڇو ته اسرائيلي رياست جي بنياد وجهڻ جي سازش 1921ع ۾ برطانيا ئي ڪئي هئي.
خواجا آصف چيو ته برطانيا کي گهرجي ته هاڻ فلسطيني قوم سان گڏ بيهي، ماضي ۾ ڪيل ظلم جو ازالو ڪري ۽ پنهنجو تاريخي قرض لاهي.