ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته هن سال آزاديءَ جو جشن ” معرڪاءِ حق “ جي عنوان سان ڀرپور نموني ملهائي ويندو، پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين صوبائي سطح تي پروگرام ۽ تقريبون ڪوٺايون وينديون.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج دشمن جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب، تنهنڪري هن دفعي آزادي جو جشن عام رواجي انداز کان هٽي ڪري وڏي پئماني تي ملهايو ويندو.
مراد علي شاهه چيو ته وفاقي ۽ صوبي حڪومت گڏجي فيصلو ڪيو آهي ته آزادي جو جشن رڳو هڪ ڏينهن تائين محدود نه هوندو، پر مئي ۾ حاصل ڪيل ” معرڪاءِ حق “جي فتح کي به يادگار بڻائڻ لاءِ 14 ڏينهن تائين مختلف قسم جون تقريبون ڪوٺايون وينديون، جن جو مقصد عوام کي آزادي جي اهميت جو احساس ڏيارڻ آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
سندس چوڻ هو ته ” اُڙان پاڪستان “جهڙن منصوبن کي به نمايان ڪيو ويندو ته جيئن ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائي ان کي ايشيا جي اُسريل معيشتن ۾ شامل ڪري سگهجي.
هن چيو ته آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪاروباري برادري، بئنڪن ۽ صنعتڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪيون ويون آهن ته جيئن سنڌ ۾ آزادي جو جشن ڀرپور نموني سان ملهايو وڃي.
وڏي وزير چيو ته سڀني اهم سرڪاري عمارتن تي قومي پرچم لهرايو ويندو، جڏهن ته گهرن، شاپنگ مالز ۽ گاڏين کي سينگارڻ جا مقابلا پڻ ٿيندا، بهتر نموني سينگاريل هنڌن کي انعام ڏنا ويندا.