ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مزدورن جي حق ۾ اهم قدم کڻندي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجورو 40 هزار رُپيا مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
صوبائي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، هاڻ سڀني سرڪاري ۽ خانگي ادارن لاءِ لازمي هوندو ته هو پنهنجن ورڪرن کي گهٽ ۾ گهٽ 192 رُپيا في ڪلاڪ جي حساب سان اجورو ادا ڪن.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيم هُنرمند مزدورن جي ماهوار پگهار 41380 رُپيا، هُنرمند مزدورن جو اجورو گهٽ ۾ گهٽ 49628 رُپيا ۽ اعليٰ هُنرمند ورڪرن جي ماهوار پگهار 5745 رُپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ حڪومت طرفان گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 37 هزار رُپيا مقرر هئي، جيڪا هاڻي”سنڌ منيمم ويجز ايڪٽ 2015“ تحت وڌائي وئي آهي، جيڪو پهرين جولاءِ 2025ع کان لاڳو ٿي چڪو آهي.