ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو پنهنجي استادن جي اهڙي ئي عزت ڪن ٿا جيئن هو پنهنجي والدين جي ڪن ٿا ڇاڪاڻ تہ انهن استادن سندن مستقبل سنواريو ۽ کين پنهنجي شعبي ۾ مؤثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو. اهو اظهار هن اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي جي اهتمام هيٺ تدريسي لائسنس حاصل ڪندڙ ڪامياب اميدوارن کي لائسنس ڏيڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، لائيو اسٽاڪ واري وزير محمد علي ملڪاڻي، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد عباسي، سفارتڪارن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، تعليمي ماهرن، زندگي ٽرسٽ جي شهزاد راءِ ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب دوران وڏي وزير 646 ڪامياب اميدوارن کي تدريس لائسنس جاري ڪيا جن مان 297 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز (JEST) ۽ 195 پري-سروس لائسنس شامل هئا. هن ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 4000 اميدوارن مان رڳو 646 امتحان پاس ڪري سگهيا جنهن مان ڪاميابي جي شرح صرف 16 سيڪڙو آهي. هن تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت تي زور ڏنو. وڏي وزير حڪومت جي واعدي جو اعادو ڪندي چيو ته سنڌ ٽيچر ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (STEDA) ذريعي نهايت قابل استاد متعارف ڪرايا ويندا، هن افسوس ظاهر ڪيو ته لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، ۽ چيو ته جيڪي ٻار اسڪولن ۾ پڙهن پيا، انهن کي ڏني ويندڙ تعليم جو به سخت جائزو وٺڻ گهرجي. تعليم جي معيار ۾ گذريل چاليهه-پنجاهه سالن جي زوال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان وقت پرائمري اسڪولن ۾ به معياري تعليم ملندي هئي ۽ استاد خالص ميرٽ تي ڀرتي ٿيندا هئا،بدقسمتي سان اها پڙهائي نه رهي آهي،استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ٿي آهي،ڪو هڪ ماڻهو به سفارش تي ٿيو هجي ته ٻڌايو،هن چيو ته چار هزار مان 446 استاد لائسنس لاءِ اهل ٿيا آهن،اهي انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن،اسان کي استادن قابل بڻائي هتي موڪليو آهي، مراد علي شاهه موجوده چئلينجن جو اعتراف ڪندي چيو ته جيڪڏهن سڀ ٻار اسڪول ايندا ته حڪومت پنهنجا سڀ وسيلا انهن جي تعليم تي خرچ ڪندي. هن مقامي سطح تي استادن جي ڀرتين بابت خدشن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ تعليمي نظام ۾ شفافيت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته لائسنس يافته استاد نئين نسل لاءِ مشعل راه بڻبا. تقريب دوران تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته اڄ جو ڏينهن هن لاءِ خوشيءَ جو لمحو آهي ڇاڪاڻ تہ ٽي سال اڳ ڏٺو ويو خواب هاڻ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن زور ڏنو ته تبديلي کي قبول ڪيو وڃي ٿو پر اها مؤثر به هجي. سيد سردار شاهه چيو ته تدريس لائسنس جو نفاذ تعليمي نظام ۾ اهم تبديليون آڻيندو. هن دلچسپ انداز ۾ ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن لائسنس کي استادن لاءِ ھٿيار لائسنس سمجهي ورتو هو. هن وضاحت ڪئي ته شروعاتي مرحلي ۾ اسين بنا لائسنس استادن کي ڀرتي ڪيو ڇاڪاڻتہ اسان جي ترجيح اسڪول هلائڻ هئي. تعليم واري وزير تصديق ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ هر نئون ڀرتي ٿيندڙ استاد پهرين تربيت حاصل ڪندو ۽ صرف لائسنس يافته استادن کي ئي ڀرتي ڪيو ويندو.