ڪراچي(رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال جي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي۔ احسن اقبال اين ايف سي ايوارڊ تي تنقيد ڪندي چيو هو ته اهو ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.جاري ڪيل بيان ۾ ميان رضا رباني چيو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ تي 2009ع ۾ صحيحون ٿيون ۽ اهو 2010ع ۾ لاڳو ٿيو، 15 سال گذري چڪا آهن پر نئون اين ايف سي ايوارڊ اڃا تائين نه ڏنو ويو آهي۔ هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 160 تحت هر 5 سال کان پوءِ نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ لازمي آهي، صوبن کي وفاقي ورهايل پول مان سندن جائز حق کان محروم رکيو پيو وڃي، جيڪا آئين جي وڌيڪ ڀڃڪڙي آهي. رضا رباني چيو ته آئين موجب اين ايف سي جو هر نئون ايوارڊ پويان ايوارڊ کان گهٽ نه ٿيندو، آئين ۾ ترميم ڪري اهو به شامل ڪيو ويو ته نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو اڳ کان گهٽ نه ٿيندو.هن چيو ته وفاق پاران صوبن جي ترقياتي بجيٽ کي بنياد بڻائي اين ايف سي ايوارڊ تي اعتراض ڪرڻ آئين جي کول ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجا خرچ گهٽائي نٿي سگهي ته پوءِ ٽيڪس صوبن جي ذريعي وصول ڪيا وڃن۔ ميان رضا رباني مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت پنهنجا خرچ منظور ڪرائڻ ۽ ادائيگي لاءِ صوبن آڏو پيش ڪري۔