حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ سچل ڀٽي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اين ايف سي فنڊ ختم ڪري ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪندڙ احسن اقبال ملڪ دشمني ڪري رهيو آهي، نواز ليگ ڊيم مافيا جي مفادن جي محافظ آهي، چند ٺيڪيدارن کي ڊيمن جا ٺيڪا ڏيڻ لاءِ بلاول شهباز اتحادي سرڪار ملڪ جي وجود تي وار ڪري رهي آهي. ڊيم ماحولياتي تباهي جو سبب بڻجن ٿا. سنڌ جو عوام سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪنهن به ڊيم، ڪئنال، بئراج سميت ڪو به ڪٽ برداشت نه ڪندو. ٻي پاسي ايم ڪيو ايم طرفان پيپلز پارٽي جهيڙي جو جواز ڄاڻائي سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جو بيان ڏيڻ جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ملڪ کي تباهه ڪرڻ واري ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم مخالفت جو ڍونگ ڪري رهي آهي