ڪراچي(رپورٽ:ذوالفقار راڄپر) ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته پاڪستان هڪ قوم نه آهي، اهو مختلف قومن ۽ مذهبن جو هڪ اتحاد آهي ۽ هو پنهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو جي ملڪ اچڻ بعد پنهنجي سياسي پارٽي ۽ پروگرام جو اعلان ڪندو ۽ هو غدار نه آهي ۽ هو ڪڏهن به هڻ جي خاندان کي ٽي دفعا تڪليفون ڏيندڙ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنهنجي والد جي قاتلن سان سمجهوتو نه ڪندو ۽ هاڻي سندس ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل نعري ماني، ڪپڙو ۽ گهر ڏيڻ کان ڳالهه اڳتي نڪري پاڻي، گئس ۽ بجلي ڏيڻ تائين پهچي وئي آهي، جيڪڏهن سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪيو ويندو ته پوء سنڌ ترقي نه ڪري سگهندي، ڪراچي ۾ بند ٿيل سنڌي اسڪول کوليا وڃن ۽ سنڌي ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي. هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو پنهنجي رهائشگاهه ستر ڪلفٽن تي پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪئي. هن چيو ته هاڻي پيپلزپارٽي زرداري ليگ ٿي وئي آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ جو حصو ٿي ان سان ڪيترائي ڪم گڏجي ڪري رهي آهي ، هر ڳالهه ۾ ان جي ڀائيوار آهي، ان لاءِ اسان نوجوانن کي اهو سڀ ڪجهه ياد ڏياريندا سين ته مير مرتضي ڀٽو کي ڪيئن ۽ ڪنهن شهيد ڪيو، زرداري ليگ سان گڏجي نه هلنداسين، ذوالفقار جونيئر چيو هن جي پارٽي ٺاهڻ جي اعلان بعد پيپلزپارٽي جي ڪجهه اهم ماڻهن رابطا ڪيا آهن، جن جو في الحال نالو نه ٿو کڻي سگهجي ورنہ کين شوڪاز نوٽيس ڏنا ويندا ۽ پارٽي نالي جو اعلان به بعد ۾ ڪيو ويندو جنهن جو نالو گڏيل راء سان رکيو ويندو، شهيد ڀٽو پارٽي بدران ٻيو نالو تجويز ڪيو ويندو، هن چيو ته هن جي سنڌ ۾ ڪئنالن واري تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ۽ ٻين سرگرمين ڪري هن مٿان اهو الزام لڳايو ويو آهي ته هو نئين پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار سان ٺاهي رهيو آهي، هو ڪنهن به اهڙي قوت سان گڏجي نه هلندو جنهن سندس خاندان مٿان ٽي دفعا مصيبتون وڌيون هجن ،هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هو ملڪ ۾ موجود مخالف سياسي ڌر سان گڏ آهي، جيڪا آئين جي تحفظ جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ اسان پڻ اهوئي چاهيون ٿا، پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان قيد ۾ آهي، ان ڪري في الحال هن تي ڪابه تنقيد نه ڪندو، هن چيو ته غزه ۾ ٻار بکن ۾ مري رهيا آهن، غزه جو مسئلو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو به مسئلو آهي، اسان صرف واحد هڪ ملڪ فلسطين کي ئي تسليم ڪيون ٿا، هن هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪراچي رڳو ڊفينس ۽ ڪلفٽن نه آهي، پر اصل ڪراچي لياري، ڪورنگي ۽ ڳوٺ آهن، سنڌ واحد صوبو هوندو هو جتي سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، پر اها بند ڪئي وئي آهي، ان ڪري بند پيل سنڌي اسڪول کولي سنڌي ۾ تعليم وارو سلسلو ٻيهر شروع ڪرڻ گهرجي، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته عدالتي نظام جي بروقت فيصلن ۾ دير ڪرڻ سان جرڳا ٿي رهيا آهن ۽ جيڪي جرڳا ڪنهن عورت يا مرد جي زندگين جا فيصلا ڪن ٿا، انهن جي مذمت ٿيڻ گهرجي، اسان مطالبو ڪيون ٿا سنڌ ۽ بلوچستان مان گم ڪيل شهرين کي انهن جي خاندانن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ هن جو شهيد ڀٽو ۽ مير مرتضي ڀٽو جي پروگرام کان الڳ نه هوندو پر هو انهن جي مقصدن کي اڳتي وڌايو ويندو. لياري ۾ 150 عمارتون سيل ڪيون ويون آهن،حڪومت متاثرن کي گهر ڏئي،هتان چونڊ وڙهندس جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ڪيو آهي ته لياري بغداد ۾ ڪريل جاين ۽ 27 شهرين جي مرڻ جي واقعي ۽ ٻين عمارتن جي ڪيرائڻ وارن عملن جي عدالتي جاچ ڪرائي عمارتن ٺاهيندڙ مافيا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ملوث ادارن کي بي نقاب ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن، ڪريل عمارت ۾ فوت ٿيندڙ کي گهٽ ۾ گهٽ 50 لک روپيا في فرد معاوضو ڏنو وڃي ۽ متاثرن لاءِ عارضي مالي مدد جو انتظام ڪيو وڃي، ته جيئن هو خوراڪ ،صحت ۽ ٻين روزمرهه جي مسئلن سان منهن ڏئي سگهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي ۽ پلاٽن جي ورهاست لاءِ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، متاثر خاندانن جي نمائندن ،شهرين، ۽ انساني حقن جي ماهرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي، متاثر خاندانن سميت ٻين زبون ٿيل ۽ خالي ڪرايل گهرن جي متاثرن جي بحالي لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي هاڪس بي اسڪيم 42 ۾ انهن لاءِ خاص طور پلاٽن جي سرڪاري ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي، انهن پلاٽن تي گهرن جي اڏاوت ڪرائي اتي بجلي، گئس، پاڻي سميت سموريون شهري سهولتون فراهم ڪيون وڃن، پلاٽن جي ورهاست کي يقيني طور شفاف رکيو وڃي، جيستائين لياري جي بي گهر ٿيل متاثرن جي بحالي نه ٿي ٿئي تيستائين کين زبردستي نموني لياري نيڪالي نه ڏني وڃي، هن چيو ته هو 16 ڪلاڪ پيرين پنڌ لياري جو سفر ڪري چڪو آهي پر مڪمل طور لياري اچان به گهمي نه سگهيو آهي، جتي 27 ماڻهن جي مرڻ کان سواءِ 150 عمارتون بند آهن، لياري وارا خيرات نه پر پنهنجو حق گهري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ڀٽو جي دور ۾ به هڪ عمارت ڪري هئي، جنهن بعد هن لياري کي پيرس بڻائڻ جي ڳالھ ڪئي هئي، پر هاڻي اسان اتي صرف ماڻهن جي زندگيءَ جو تحفظ ۽ بنيادي شهري سهولتون گهري رهيا آهيو ن،ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته جڏهن سندس پارٽي وجود ۾ آئي ته هو چونڊن ۾ پارٽي جي فيصلي تحت لياري مان چونڊ وڙهي سگهي ٿو هن چيو ته جيڪڏهن شاهراهه ڀٽو تي خرچ ٿي سگهي ٿو ته پوءِ لياري تي به خرچ ڪيو.