”انصاف جو خون ٿي رهيو آهي“ عمر ايوب چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ ۽ قومي اسيمبلي ۾  مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيف جسٽس کي انصاف جي فوري فراهمي لاءِ 6 نقطن تي ٻڌل خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو آهي ته 9 مئي وارا ڪيس انصاف بدران سياسي انتقام جو شڪار بڻجي چڪا آهن، عدالتي ڪارروائيون بدنِيتي، جلدي ۽ دٻاءَ هيٺ ڪيون پيون وڃن، ملڪ ۾ آئين ۽ عالمي قانونن جي لتاڙ ٿي رهي آهي، ڪوڙا ڪيس، زبردستي اعتراف ۽ سياسي انتقام جو ماحول عدليا جي ساک کي تباهه ڪري رهيو آهي، عدليا کي ظلم خلاف ڍال بڻجڻ گهرجي، انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، خط ۾ چيو ويو آهي ته موجوده عدالتي رويو پاڪستان جي جمهوري نظام لاءِ خطرو آهي، 9 مئي وارن ڪيسن ۾ انصاف جو خون ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.