ڪراچي (رپورٽر) ڊي سي سکر ۽ ڊي سي گهوٽڪي سينيئر ڪامورن جي مشوري کانپوءِ وفاقي نوڪري ۾ وڃڻ تي مجبور ٿي ويا.ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ڊي سي سکر راجا ايم بي ڌاريجو ۽ ڊي سي گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي زيدي، ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي سان گڏ عادلپور ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ انعام الله خان ڌاريجو وٽ گهوٽڪي ڳوٺ عادلپور پهتا ۽ درخواست ڪئي ته اسان جون خدمتون واپس سنڌ حڪومت حوالي ڪيون ُوڃن ته جيئن سندن ڊپٽي ڪمشنر واري پوسٽ برقرار رهي سگهي، سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ حيرت جو اظهار ڪندي ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن کي چيو ته اهڙي ڪا پاليسي ئي ناهي جو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ اچڻ شرط ئي آفيسرن جون خدمتون فوري طور واپس صوبي حوالي ڪيون وڃن، وفاقي سروس جوائن ڪندڙ عملدارن کي گهٽ ۾ گهٽ رعايتي 3 مهينن تائين وفاق وٽ ئي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن بعد وزيراعظم جي منظوري سان ئي فيصلو ڪيو وڃي ٿو. انڪري اهو ممڪن ئي ناهي ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن کي فوري طور واپس اماڻيو وڃي، سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ جي اهڙي جواب بعد ڊپٽي ڪمشنر سکر راجا ايم بي ڌاريجو ۽ ڊي سي گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي مايوسي جو شڪار ٿي پنهنجو سامان ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڪامورا هلندڙ هفتي وفاق ۾رپورٽ ڪندا. ياد رهي ته ڊي سي سکر راجا ايم بي ڌاريجو ۽ ڊي سي گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ رپورٽ ڪرڻي آهي.