اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي انتظاميه ۽ پوليس طرفان صبح سوير هاسٽلن تي چڙهايون ڪري 70 کان وڌيڪ شاگرد گرفتار ڪري هاسٽلون خالي ڪرائي ڇڏيون آهي. انتظاميا هاسٽل نمبر 6، 8، 9 ۽ 11 کي مڪمل طور خالي ڪرايو. واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. اسلام آباد پوليس چيو آهي ته قائداعظم يونيورسٽي جي هاسٽلن کي خالي ڪرائڻ دوران ڪجهه شاگردن کي "منتقل” ڪيو ويو، جنهن تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. صبح کان سوشل ميڊيا تي ڪيترين ئي وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جن ۾ اسلام آباد پوليس جا اهلڪار قائداعظم يونيورسٽي جي هاسٽلن جي ٻاهران موجود آهن، جڏهن ته ڪجهه وڊيوز ۾ پوليس اهلڪارن کي شاگردن کي گرفتار ڪندي يا کين ساڻ وٺي ويندي به ڏيکاريو ويو آهي.هاسٽلن ۾ پوليس ڪارروائي جي وڊيوز منظرِ عام تي اچڻ بعد سخت ردعمل سامهون آيو آهي. سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن سوال ڪيو ته شاگردن خلاف ڪارروائي ڪهڙي قانون جي تحت ڪئي وئي؟ رپورٽن موجب، 70 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس پنهنجي بيان ۾ تصديق ڪندي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته يونيورسٽي انتظاميه جي درخواست تي پوليس قانوني مدد فراهم ڪئي. پوليس موجب شاگرد اڳ ئي 11 هاسٽل خالي ڪري چڪا هئا، باقي 4 هاسٽلن بابت يونيورسٽي انتظاميه چيو ته ڪجهه شاگرد سندن بار بار درخواست باوجود هاسٽل خالي نه ڪري رهيا هئا ۽ غيرقانوني طور مقيم هئا. انتظاميه موجب، "قائداعظم يونيورسٽي گرمي جي موڪلن دوران سالياني مرمت ۽ سجاوٽ لاءِ 13 جولاءِ 2025 کان پنهنجا هاسٽل عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. يونيورسٽي انتظاميه موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاگردن طرفان انتظامي فيصلي خلاف داخل درخواست کي ناقابلِ ٻڌڻي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو، عدالت قائداعظم يونيورسٽي جي خودمختاري کي 1973 جي ايڪٽ تحت تسليم ڪيو.ان واقعي تي انساني حقن جي وڪيل ايمان زينب مزاري پوليس جي بيان کي چئلينج ڪندي "ايڪس” تي پوسٽ ڪئي ته، "ڪهڙي قانون تحت سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي تالا هنيا ويا؟ وائس چانسلر سان ملاقات ۾ کين واضع طور چيو ويو ته اهڙي ڪا درخواست نه ڏني وئي. هن الزام لڳايو ته "70 کان وڌيڪ شاگردن کي بغير ڪنهن ايف آءِ آر جي غيرقانوني طريقي سان حراست ۾ رکيو ويو آهي ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي.سابق سينيٽر افراسياب خٽڪ پوليس جي ڪريڪ ڊائون کي شرمناڪ قرار ڏيندي لکيو ته، ” شاگردن کي صرف ان ڪري گرفتار ڪيو ويو جو هو امتحان جي تياري لاءِ هاسٽل ۾ رهڻ جي اجازت گهري رهيا هئا، کين فوراً آزاد ڪيو وڃي. تعليم دان ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر تيمور رحمان چيو ته "شاگرد سمر سيشن شروع ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا، ۽ کين فقط تعليم حاصل ڪرڻ چاهڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو. فنڪار، ماحولياتي ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پڻ افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته،پاڪستان جون يونيورسٽيون پنهنجن ئي شاگردن خلاف ٿي ويون آهن. اسان جي شاگردن ۽ ڪيمپس محفوظ بڻايو.