اسلام آباد کانپوءِ هڪ ٻئي شهر مان گڏهه جو گوشت برآمد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد کانپوءِ خيبر پختونخواهه جي ضلعي بٽگرام ۾ ڪارروائي دوران گڏهه جو گوشت برآمد ڪيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر بٽگرام جي آفيشل فيس بُڪ پيج تان جاري ڪيل بيان موجب هڪ شهري جي ڳجهي اطلاع تي ايڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر بٽگرام اختر رسول ڪارروائي ڪندي ڪوزا بانڊا واري هنڌ ڇاپو هنيو، جنهن دوران تازو ڪُٺل گڏهه برآمد ٿيو.
ڊپٽي ڪمشنر موجب ڪارروائي دوران ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته گوشت کي فوري طور ضايع ڪيو ويو.
ضلعي انتظاميا ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان اختر رسول چيو ته عوام جي صحت سان کيڏندڙ رعايت جا حقدار ناهن ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ضلعي انتظاميا عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪنهن به غير قانوني سرگرمي، خاص طور جعلي يا صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي تياري ۽ وڪري جو اطلاع رکندا هجن ته فوري طور آگاهه ڪن ته جيئن وقت تي ڪارروائي ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.