جماعت اسلامي وٽ رڳو گمراهه ڪندڙ بيان آهن:ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان گنھور خان اسراڻ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي  پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظھار ڪندي چيو آھي ته جماعت اسلامي جو وڙ ئي الزام تراشي، نفرت، ڪوڙ ۽ منافقت آھي، جماعت اسلامي وٽ نھ ڪو ترقياتي منصوبو آھي نه ئي وري ڪو ويزن، رڳو گمراھ ڪندڙ بيان ۽ الزام آھن. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته جماعت اسلامي جا مڪاني نمائندا پاڻ پنھنجي علائقن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي  ناڪام ٿي ويا آھن، جيڪا پارٽي پنھنجي بلدياتي ٽائونز جو نظام درست نه رکي سگھي، اُھا پوري ڪراچي تي تنقيد جو ڪو به اخلاقي ۽ سياسي حق نه ٿي رکي. ھن چيو ته جتي جتي جماعت جا ٽائون چيئرمين آھن اُتي گندگي، ٽٽل روڊ رستا، اُٻرندڙ گٽر، خراب اسٽريٽ لائيٽون ۽ صفائي سُٿرائي جو مڪمل فقدان عوام جو مقدر بڻجي ويو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.