شانتي جي قتل ۾ ڊاڪٽر ۽ ساهرا به ملوث آهن: وومين ايڪشن فورم

ڪراچي (رپورٽر ) ويمن ايڪشن فورم جي اڳواڻن عظمه نوراني، انيتا نجواڻي،فازه هاسوري،عطيه دائود ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسين عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنديون رهنديون، ھر ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز اٿارينديون رهنديون، لياري جي شانتي مھيشوري کي مڙس بي رحماڻو تشدد ڪري ماريو آهي، شانتي جو ڀاءُ مزدور ڪندو آهي ۽ پيءُ بيمار آهي، غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪڏهن شانتي جو وقت تي علاج ڪيو وڃي ها ته شايد هن جي جان بچي وڃي ها، اسان سمجهون ٿا ته شانتي جي قتل ۾ مڙس سان گڏ علاج ڪندڙ ڊاڪٽر، شانتي جا ساهرا به شامل آهن جن غفلت جو مظاهرو ڪيو، شانتي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، هنن چيو ته  سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ پاس ڪيل قانونن تي عملدرآمد ڪونه ٿي رهيو آهي نه ئي ڪنھن به قسم جي عوامي سطح تي عورتن م آگاهي ڏني وڃي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.