ٻاهرئين ملڪ مان موٽندڙ شخص پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو

ڦاليا (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڀاگٽ ٿاڻي جي ڳوٺ سعدالله پور ۾ بدبخت پٽ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ گهرواري کي قتل ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي شهر ڦاليا ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي جوابدار پنهنجي والدين ۽ گهرواري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو.
پوليس موجب جوابدار احسان الله وڏي عرصي کان روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ هوندو هو، جيڪو چار ڏينهن اڳ موٽيو هو.
پوليس ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سندس پيءُ پنهنجي زمين کپائي هئي، جوابدار پيءُ کان رقم جو مطالبو ڪندو رهيو پر پيءُ انڪار ڪيو، جنهن تي هن پيءُ، ماءُ ۽ گهرواري کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، کيس ٻن پٽن جو اولاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.