ترڻ رڳو هڪ وِندر يا راند ئي نه پر هڪ مڪمل جسماني، ذهني ۽ جذباتي ورزش آهي.
گهڻا ماڻهو ترڻ جا ظاهري فائدا ڄاڻن ٿا، جهڙوڪ وزن گهٽائڻ يا جسم کي فِٽ رکڻ، پر ترڻ جا ڪجهه اهڙا فائدا به آهن، جن بابت گهڻن ماڻهن کي خبر نه هوندي.
ترڻ رت جي وهڪري کي بهتر بڻائي ٿو، جنهن سان دماغ تائين وڌيڪ آڪسيجن پهچي ٿي. اها دماغ ۾ نون گهرڙن جي واڌاري کي فروغ ڏئي ٿي، خاص طور تي هيپوڪيمپس ۾، جيڪو يادگيري ۽ سکڻ سان لاڳاپيل آهي. اها دٻاءَ، پريشاني ۽ ڊپريشن ۾ نمايان گهٽتائي آڻي ٿي، خاص طور تي جڏهن توهان پاڻيءَ ۾ “فلو موشن” ۾ هوندا آهيو.
روزانو رڳو 30 منٽ ترڻ ڪرڻ سان بي خوابي ۽ بي چيني جي ننڊ ۾ گهٽتائي اچي ٿي. پاڻي جو ٿراپيوٽڪ اثر جسم ۽ دماغ کي سڪون ڏئي ٿو، جنهن سان ننڊ جو معيار بهتر ٿئي ٿو.
ترڻ رت جي گردش، دل جي ڌڙڪن ۽ بلڊ پريشر کي برقرار رکي ٿو. اها دل جي ڌڙڪن کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ آرٿروسڪليروسس (رڳن جو سڪڙجڻ) کي به گهٽ ڪري ٿي.
ترڻ "low-impact” ورزش آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اها جوڙن تي دٻاءُ نٿي وجهي. آرٿرائٽس، ريڙهه جي هڏي جي مسئلن يا ٿولهه جا مريض به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
ترڻ دوران ساهه کڻڻ تي ضابطو به سکيو ويندو آهي، جيڪو ڦڦڙن جي گنجائش کي وڌائيندو آهي. اها دم جي مريضن لاءِ خاص طور فائديمند آهي، شرط اهو آهي ته ڪلورين کان پاڪ يا صاف پاڻي استعمال ڪيو وڃي.
ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه، قد وڌائڻ ۽ توانائي جي نيڪالي ۾ مدد ڏئي ٿو. بزرگ ماڻهن لاءِ توازن بهتر ڪري ٿو ۽ ڪري پوڻ جي خطرن کي گهٽائي ٿي.
پاڻيءَ ۾ هڪ خاص "رڌم” ۽ سڪون هوندو آهي، جيڪو مائنڊفلنيس جهڙو اثر پيدا ڪري ٿو. اڪيلائي ۾ ترڻ سان ذهن صاف ٿئي ٿو ۽ تخليقي صلاحيت وڌي ٿي.
ترڻ انسولين جي رد عمل کي بهتر ڪري ٿو، جيڪو شوگر جي مريضن لاءِ انتهائي فائديمند آهي.
ترڻ سان سڄي جسم جي حرڪت ٿئي ٿي، جنهن سان systemic inflammation گهٽجي ٿي. اها دل، جگر ۽ ٻين اندرين عضون لاءِ فائدي مند آهي.
جيتوڻيڪ ترڻ وزن کڻڻ واري ورزش ناهي، پر اها هڏين جي چوڌاري واري مادن کي مضبوط بڻائي ٿي، خاص طور تي وڏي عمر واري ماڻهن لاءِ.