کير ماڻهوءَ لاءِ مختلف فائدن جي ڪري انتهائي ضروري آهي، اڄڪلهه جي ملاوٽ واري کاڌ خوراڪ کي ڏسجي ته صحت لاءِ کير جي اهميت سون کان گهٽ ناهي. تنهن باوجود به مختلف پالتو جانورن جي کير ۾ ڪيلشيم، ڪيلوريز، وٽامنز جو مختلف مقدار هجڻ ڪري فائدا به الڳ الڳ آهن.
پاڪستان ۽ هندستان ۾ گهڻي قدر مينهن جي کير جو استعمال ڪيو ويندو آهي، مينهن جي کير بابت اسان هتي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي پڙهندڙن کي تفصيل سان ٻڌائي چڪا آهيون ته ڪهڙيءَ ريت اهو ٻين جانورن جهڙوڪ ٻڪري، ڳئون ۽ ڏاچي جي کير کان گهٽ فائدن وارو آهي، پر اڄ اسان هتي ٻڪري جي کير جي ڪجهه فائدن بابت ٻڌائينداسين جيڪو ڄاڻڻ به اوهان لاءِ انهتائي ضروري آهي.
هڪ تازي تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته ٻڪري جو کير ڳئون جي کير جي مقابلي ۾ پٺن جي صحت، سوڄ گھٽائڻ ۽ جسماني ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فائدن وارو آهي.
ان لاءِ سائنسدانن اهڙن ڪوئن تي تحقيق ڪئي جيڪي سارڪوپينيا جي بيماري ۾ مبتلا هئا، اها هڪ اهڙي حالت آهي جنهن ۾ عمر وڌڻ سان پٺا ڪمزور ٿين ٿا.
تحقيق دوران ڪوئن کي مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو، جن کي مختلف قسمن جو کير ڏنو ويو ته جيئن صحت تي اثر ڏسي سگهجي.
ماهرن موجب جيڪي ڪوئا ٻڪري جو ڪيلشيئم ۽ وٽامن ڊي سان ڀرپور کير پي رهيا هئا، انهن جي پٺن ۾ ٻين گروپن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڌارو ڏٺو ويو.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته بڪري جي کير ۾ اهڙا خاص حياتياتي مرڪب موجود آهن، جيڪي نه فقط سوزش گھٽائين ٿا، پر پٺن جي واڌ ويجهه ۽ قوتِ مدافعت وڌائڻ ۾ به مدد ڪن ٿا.
نتيجن موجب ٻڪري جو کير نه رڳو پيٽ جي فائديمند بيڪٽيريا جي واڌاري ۾ مددگار ثابت ٿيو، پر جسم جي چرٻي گھٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته قدرتي طور وٽامن ڊي ۽ ڪيلشيئم سان ڀرپور هجڻ باوجود چرٻي گھٽائڻ جي خاصيت ٻڪري جي کير کي خاص ڪري بزرگن لاءِ هڪ اميدافزا خوراڪ بڻائي ٿي.
هي ته رڳو وڏي عمر واري ماڻهن جي ڪجهه فائدن بابت تحقيق ڪئي وئي جيڪا هاڪاري ثابت ٿي آهي، پر اڳ ۾ به ٻڪري جي کير تي مختلف تحقيقون ٿيون آهن جن ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته ٻڪري جو کير مينهن ۽ ڳئون جي کير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقت ڏيندڙ ۽ صحت جي فائدن وارو آهي.
اهو ئي سبب آهي ته ٻاهرين ملڪ جا صحت جا ڪجهه ماهر ايشيائي ملڪن خاص ڪري مسلمانن کي اهو مثال ڏئي سمجهائيندا آهن ته پيغمبر اسلام نبي سڳوري به ٻڪريءَ جو کير پيئڻ جي تائيد ڪئي آهي ۽ پاڻ به ٻڪري جو کير استعمال ڪيو آهي.