ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن غير مشروط جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو.
ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا ملائيشيا جي تخت گاهه ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي.
رپورٽ موجب ڳالهين ۾ ٿائلينڊ جو قائم مقام وزيراعظم، ڪمبوڊيا جو وزيراعظم ۽ ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم شريڪ ٿيا، جڏهن ته آمريڪا ۽ چين جا سفير به ڳالهين ۾ موجود هئا.
پوءِ ملائيشين وزيراعظم اعلان ڪيو ته ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا غير مشروط جنگبندي تي متفق ٿي ويا آهن.
هن چيو ته آمريڪي صدر ٻنهي اڳواڻن کي پرامن حل ڳولڻ جي اپيل ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين سڌي ريت رابطو بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ان موقعي تي ڪمبوڊين وزيراعظم چيو ته ڳالهيون سٺيون رهيون، اميد ته فوري طور ويڙهه روڪي ويندي.
واضح رهي ته ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ سرحدي جهڙپن ۾ هيل تائين 35 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ 3 لک کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن.
You might also like