ڀارت-انگلينڊ ٽيسٽ تڪرار، اسٽوڪس جاڙيجا سان هٿ نه ملائڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ڀارت-انگلينڊ ٽيسٽ تڪرار، اسٽوڪس جاڙيجا سان هٿ نه ملائڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو
لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ – ڀارت جي ٽيسٽ ميچ ۾ ”هينڊ شيڪ تڪرار“ تي انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، تڪرار ان وقت شروع ٿيو، جڏهن ميچ جي آخري ڏينهن بين اسٽوڪس راند ”ڊرا“ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ان وقت ڪريز تي موجود ڀارتي رانديگر رويندرا جاڙيجا ۽ واشنگٽن سُندر پنهنجي سينچرين جي ويجهو هئا ۽ ٻنهي بيٽرن سندس آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي جنهن ۾ ڏٺو ويو ته اسٽوڪس ميچ جي پڄاڻي تي سڀني رانديگرن سان هٿ ملايو پر جاڙيجا کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بين اسٽوڪس رانديگرن سان هٿ ملائڻ دوران جڏهن جاڙيجا جي ويجهو پهچي ٿو ته منهن موڙي ڇڏي ٿو، وڊيو جي آخر ۾ ٻنهي جي وچ ۾ ڏي وٺ پڻ ٿي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

سوشل ميڊيا تي مداحن جو چوڻ هو ته اسٽوڪس ڪاوڙ ۾ اهو قدم کنيو، ڇاڪاڻ ته جڊيجه ۽ سُندر ميچ ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ اسٽوڪس چيو ته جاڙيجا ۽ سُندر شاندار اننگز کيڏي، اسان جي ٽيم ميچ کٽڻ جي آخري حد تائين پهتي، پر جڏهن لڳو ته نتيجو ممڪن ناهي ته مون پنهنجن مُک بالرن کي وڌيڪ وڌيڪ ٿڪائڻ جو خطرو نه کنيو.
هن وڌيڪ چيو ته سينچري ۾ ڏهه رنسون هجن يا نه ان کان وڌيڪ اهم آها آهي ته توهان پنهنجي ٽيم کي ڏُکي صورتحال مان ٻاهر ڪڍي چڪا آهيو، اها ئي اصل فتح آهي.
ان کانسواءِ آخري اوورن دوران اسٽوڪس هيري بروڪ کي بالنگ ڪرائي، جيڪو هڪ پارٽ ٽائيم بالر آهي جنهن تي پڻ سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو.
اسٽوڪس ان فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته رانديگرن جي فٽنيس ۽ ايندڙ ميچ جي تياري سندس ترجيح هئي.
ٻئي پاسي ڀارتي ڪوچ گوتم گمڀير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاڙيجا ۽ سُندر پنهنجي سينچرين جا حقدار هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.