مُرتضيٰ جتوئي موٽرسائيڪل ڦر ڪيس مان باعزت بري

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) راڻيپور جي مقامي عدالت اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئيءَ کي موٽرسائيڪل ڦُر ڪيس مان باعزت ڪري بري ڪري ڇڏيو.
اين پي پي جي سربراهه غلام مرتضيٰٰ خان جتوئي موٽرسائيڪل ڦر سهولتڪاري ڪيس ۾سوڀو ديرو جي پي پي سي تحت سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ سوڀو ديرو ايٽ راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت وڪيل لياقت جتوئي جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ ٿوري دير بعد فيصلو ٻڌائيندي مرتضيٰٰ خان جتوئي جو نالو ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيو.
عدالتي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مرتضيٰ جتوئي خلاف خاص ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي کيس ڪيس مان باعزت بري ڪيو ويو آهي.
عدالتي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اين پي پي سربراهه چيو ته 27هين ترميم اچڻ کانپوءِ ملڪ جو ماحول تبديل ٿي ويندو، اصل حڪمران جيڪي چاهيندا، اهو ئي ٿيندو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

هن چيو ته وقت ملڪ ۾ امن امان جي حالت ڏاڍي خراب آهي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي صورتحال کان سڀ واقف آهن.
سندس چوڻ هو ته جونيئر ذوالفقار ڀٽو پارٽي ٺاهي رهيو آهي، اسان کيس ڀليڪار چئون ٿا، جڏهن ته سيد زين شاهه جي ڊي اي جو حصو آهي. ذوالفقار جونيئر سياست شروع ڪري چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس کي وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، باقي اڳ ۾ داخل ڪيس هلي رهيا آهن. اسان کي عدالتن مان اميد آهي، اڄ حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي، راڻيپور جي عدالت اسان کي باعزت بري ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.