ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين آفاق احمد چيو آهي ته ڪنهن ٻي قوم جي ثقافت کي اسان تي نه ٿاڦيو وڃي، شهرين کي اجرڪ واري نمبر پليٽ زبردستي لڳائڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، شهرين جي مرضي هجڻ گهرجي ته اهي اجرڪ واري نمبر پليٽ هڻن يا پاڪستاني جهنڊي واري.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آفاق احمد چيو ته مان ڪينالن خلاف قوم پرستن طرفان لڳايل احتجاجي ڪيمپ تي ويس ته مون کي به اجرڪ پارايو ويو هو، اسان هر قوم جي ڪلچر جو احترام ڪيون ٿا پر ڪنهن ٻي قوم جي ثقافت کي اسان تي نه ٿاڦيو وڃي، اسان جو رڳو اهو مطالبو آهي ته حڪومت عوام کي زبردستي نمبر پليٽ لڳائڻ تي مجبور نه ڪري.
هن چيو ته ڪراچي ۾ ڦر جي وارداتن ۾ روز شهري قتل ٿي رهيا آهن ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي، حڪومت نمبر پليٽ جي پويان لڳل آهي، پارڪنگ جو معاملو به سنگين آهي، ميئر چئي ٿو ته پارڪنگ مفت ڪئي وئي آهي پر پارڪنگ مافيا سرعام ماڻهن کي ڦري رهي آهي.
You might also like