سنڌ ۾ وزير به ”سسٽم“ آڏو بي وس آهن:علي خورشيدي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته سنڌ ۾ سسٽم جونوڏيون ڳالهيون ٿين ٿيون، پر ڪو نالو وٺي ٻڌائي ته اهو سسٽم آخر آهي ڪير؟ ڪو زهري سسٽم آهي، يا ڪو ميٽروپول هوٽل وارو سسٽم،هر ڪو ڄاڻي ٿو. مان نالن سان ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ان ۾ آخر مسئلو ڇا آهي؟ هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته سڄو شهر ڄاڻي ٿو ته ڇا ٿي رهيو آهي. مان چوان يا نه چوان، حقيقت تي ڪو اثر نٿو پوي.هن چيو ته هتي ٻه حڪومتون آهن، هڪ سنڌ حڪومت ۽ ٻي سسٽم جي حڪومت. جيڪڏهن”سسٽم“طئي ڪري ته هي زمين کپي ته ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت اچي، ان زمين کي هو وٺي ئي ڇڏيندا. ڪڏهن طاقت جي زور تي، ته ڪڏهن ڪجهه ادائگيون ڪري وٺن. پر جيڪڏهن ادائيگي سان وٺن، ته پوءِ اهو سسٽم ڪيئن ٿيو؟ هي ته قبضو آهي، هن چيو ته.اسان کي چائنا ڪٽنگ سان ڳنڍيو ويندو آهي، پر پاڪستان جي تاريخ ۾ 1947 کان وٺي 2016 تائين جيڪي زمينن جا قبضا ٿيا، اهي سڀ گڏ ڪري ڏسو ٻيلي کاتي جي زمين، وائلڊ لائيف، ڪي ايم سي، ايڇ ڊي اي، ايم ڊي اي، ايگريڪلچر – سڀني ادارن جون زمينون قبضي هيٺ آيون. انهن سڀني کان وڌيڪ قبضا ته 2016 کانپوءِ ٿيا. جن کي اسان تي الزام لڳائي ٿو، انهن کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ قبضا سسٽم ڪري چڪو آهي.120گَز، 80 گَز تي چائنا ڪٽنگ تي واويلا مچائي ويندي آهي، پر هزارين ايڪڙ زمينن جي تباهي تي ڪو سوال نٿو ٿئي! ڇو؟ ڇاڪاڻ ته سسٽم حڪومت کان به وڌيڪ طاقتور آهي،هن چيو ته مون ڪيترن ئي وزيرن کي ڏٺو آهي، جيڪي سسٽم آڏو سرينڊر ڪري ڇڏين ٿا. هڪ حد کانپوءِ جڏهن معاملو سسٽم سان لاڳاپيل هوندو آهي، ته وزير پاڻ کي بي وس سمجهي ڇڏين ٿا.هر شعبي، هر کاتي ۾ سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي. جيئن ئي ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي، سسٽم تاريخ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. هن چيو ته پاڪستان، علائقائي يونٽن ۾ ورهايل آهي. بلوچستان، ڪي پي، پنجاب، اندرون سنڌ – سڀني جا آواز بلند آهن. پر ڪراچيءَ وارن جو آواز سڀ کان ڪمزور آهي.لساني تقسيم حقيقت آهي، ڪير به مڃي يا نه مڃي. پر ڪراچيءَ جي عوام کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو واقعي سندن حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، ۽ ان تي عمل به ٿو ڪري – ته اها رڳو هڪ ئي جماعت ايم ڪيو ايم آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.